ڪوئٽه _ 8 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر بلوچستان ۾ به عام چونڊن لاءِ پولنگ جاري آ??ي. 53 لک 71 هزار کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي رائي ج?? حق استعمال ڪندا. تفصيل مطابق بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي ج?? 16 جنرل سيٽن تي 429 ۽ صوبائي اسيمبلي ج?? 51 جنرل سيٽن تي 1267 اميدوار ميدان ۾ آهن. صوبي ۾ ڪل پنج هزار 26 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن جنهن ??ان 1651 انتهائي حساس،2249 حساس ۽ 1126 نارمل پولنگ اسٽيشن قرار ڏنيون ويون آهن. بلوچستان ۾ صبح 8 وڳي کان 5 وڳي تائين بنا ڪنهن ??قفي ج?? پولنگ عمل جاري رهندو. 30 هزار کان وڌيڪ اهلڪار ??يڪ??ورٽي جا فرض انجام ڏيندا. چيف اليڪشن ڪمشنر بلوچستان فريد آفريدي مطابق قومي اسيمبلي ج?? 16 ۽ صوبائي اسيمبلي ج?? تڪ تي مجموعي طورتي 53 لک 71 هزار 947 ووٽ آهن. جنهن ??ان 30 لک 16 هزار 164 مرد 23 لک 55 هزار 783 عورتون شامل آهن. هن چيو ته صوبي ۾ ڪل 5 هزار 26 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن جتي 15 هزار 626 پولنگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن.