اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير اسحاق ڊار کي گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي و??ير شيخ عبدالله بن زيد النهيان ٽي??يفون ڪئي ۽ پرڏيهي و??ير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي و??ير اسحاق ڊار پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران گڏيل عرب امارات جي هم منصب سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گه?? رخي سطحي تعاون جي پائيدار رفتار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي و??ير چيو ته آئون گڏيل عرب امارات سان ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ شيخ عبدالله بن زيد النهيان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهيان.