اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب جي شهر جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي گذريل ڏينهن منعقد ٿيندڙ غيرمعمولي اجلاس جي آجيان ڪندي ??يو آهي ته هو گهير هيٺ غزه جي پٽيءَ ۽ پوري والاريل فلسطيني علائقي ۾ شهرين جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ??يو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل قابض ??اق?? کي غزه ۾ شهرين جي جاري نسل ڪشيءَ جو مڪمل طور تي ذميوار قرار ڏنو آهي. ترجمان ??يو ته اسان فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ اسرائيلي جارحيت جي خاتمي سان گڏوگڏ بنا روڪ ٽوڪ ۽ مناسب انساني ?? طبي امداد ۽ ريليف کانسواءِ پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي ۽ انساني همدرديءَ جي لنگهن کي کولڻ جي م??البي ۾ شامل آهن ته جيئن فوري امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. هن ??يو ته هاڻي جڏهن ته رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو ويجهو اچي رهيو آهي، اسان فلسطين جي م??ڻهن کي فوري ريليف ڏيڻ ۽ فلسطينين کي م??جد اقصيٰ ۾ نماز ادا ڪرڻ جي لاءِ غيرمحدود پهچ جو مطالبو ڪريون ٿا.