اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته روس سان توانائي ۽ بار??ر واپار جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا خواهشمند آهيون، ر??س پاڪستان سان واپار جي فروغ لاءِ روسي بئنڪن کي پاڪستان ?? آپريشن شروع ڪرڻ جي ترغيب ڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ روس جي سفير البرٽ خوريو سان ڳالهائي رهيو هو جنهن صدر سان ملاقات ڪئي. صدر روس سان ثقافتي شعبي خاص ??ور تي ٽي وي ۽ فلمز ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفير کي روسي صدر جي لاءِ ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد، نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته صدر پيوٽن جي قيادت ۾ روس تيز تر معاشي ترقي ڪندو، عالمي امن کي فروغ ٿيندو. صدر جو ماسڪو ۾ 22 مارچ جي دهشتگرد حملي ۾ 130 معصوم جانين جيزيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. روسي سفير چيو ته ر??س پاڪستن جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻئي ملڪ گڏيل معاملن بشمول دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي اسمگلنگ تي تعاون ڪري رهيا آهن، ر??س پاڪستان سان موجوده واپاري ڪاٿي کي ٻيڻو ??رڻ چاهي ٿو. روسي سفير ماسڪو ۾ 22 مارچ جي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. روسي سفير صدر آصف علي زرداري کي پاڪستان جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.