اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن صدر کي پاڪس??ان جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي صدر کي ملڪي سيڪيورٽي صورتحال، هٿياربند فوج جي آپريشنل تيارين با??ت ٻڌايو ته هٿياربند فوج اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي چئلينجز کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. صدر قومي سرحدن جي دفاع، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهي. صدر چيو ته پورو اعتماد آهي ته سيڪيورٽي فورسز اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي چئلينجز تي ڪاميابي سان ??ابطو آڻي وٺندي. ملاقات ۾ دهشتگردي جي لعنت کي قوم جي تعاون سان پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو.