رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اج??اس جي موقعي تي ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊڻ تي امير جي مبارڪن واري خط تي سندس شڪريو ادا ڪيو. شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح کي امير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي وزيراعظم ??اڻ?? ملي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن ٻه طرفي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي شراڪتداري ۾ تبديل ڪري سگهجي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهترين مفادن ۾ هوندو. پاڪستان ۽ ڪويت نومبر 2023ع ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون هيون. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کان علاوه علائقائي صورتحال خاص ڪري غزه جي بحران جي حوالي سا?? به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم ڪويت جي امير کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.