اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي خراج تحسين ??يش ڪندي چيو آهي ته پور??يت طبقي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مناسب اجرت، ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول، صحت جي سه??لت?? ۽ انهن جي ٻارن کي تعليمي سه??لت??ن فراهم ڪرڻ بابت قدمن جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو عالمي ڏينهن ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي خراج تحسين ??يش ڪرڻ جي لاءِ ملهايو پيو وڃي. هن سال مزدورن جي عالمي ڏينهن جو م??ضو?? موسمياتي تبديلين دوران ڪم جي جڳهه تي سلامتي ۽ صحت کي يقيني بڻائڻ آهي، اسان مزدور جي وقار کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ انهن جي تاريخي جدوجهد کي خراج تحسين ??يش ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته هي ڏينهن مزدورن جي حقن، انهن جي سماجي تحفظ، منصفاڻي اجرت ۽ ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول بابت ڪوششون ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مزدور ۽ پور??يت طبقي کي مهانگائي، زندگي جي ضرورتن جي وڌندڙ قيمتن، بيروزگاري ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن جهڙا چئلينجز در??يش آهن، پور??يت طبقي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مناسب اجرت، ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول، صحت جي سه??لت?? ۽ مزدورن جي ٻارن کي تعليمي سه??لت??ن فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته مزدورن جي استحصال جو خاتمو، سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻ، حقن جي تحفظ جي لاءِ پاليسيون لاڳو ڪرڻ ۽ عملدرآمد ۾ رياست جو اهم ڪردار آهي. صدر چيو ته اڄ اسان دل جي گهراين سان ملڪ جي ترقي ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪندڙ پورهيتن جي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا، خطرناڪ ماحول ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي ضروري تربيت ۽ حفاظتي سامان جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مزدورن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون، استحصالي طريقن جي خاتمي ۽ مزدورن جي لاءِ سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ پور??يت ۽ مزدور طبقي جي لاءِ اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪريون جتي انهن جي قدر ۽ عزت ڪئي وڃي، آجر منصفاڻي اجرت، مزدورن جي سلامتي ۽ صحت جي لاءِ قدم کڻن.