بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون ??نظ??م جي سيڪيورٽي ۽ ترقياتي تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪندي ??نظ??م جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي گڏيل ذميواري تحت پاڻ ۾ موثر تعاون ڪن ۽ خطي جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي گڏيل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻين. هن اها ڳالهه شنگهائي تعاون ??نظ??م (ايس سي او) جي سيڪريٽري جنرل زانگ منگ سان بيجنگ ۾ ملاقات ۾ چئي. هن شنگهائي تعاون ??نظ??م جي چارٽر ۽ ??نظ??م جي بنيادي اصولن تي پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب هن شنگهائي تعاون ??نظ??م جي سيڪيورٽي ۽ ترقياتي تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون ??نظ??م جي خطي ۾ اهميت کي تسليم ڪندي ??نظ??م جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته اهي گڏيل ذميواري تحت پاڻ ۾ موثر تعاون ڪن ۽ خطي جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ شنگهائي تعاون ??نظ??م جي گڏيل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻين. ملاقات ۾ شنگهائي تعاون ??نظ??م جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي چيئرمين ??ور پاڪستان جي قدمن ۽ ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سفير زانگ چيئرمين ??و عهدو سنڀالڻ تي پاڪستان حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ايس سي او سيڪريٽريٽ پاران ??نظ??م جي حڪومتي سربراهن جي حيثيت سان پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو.