تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايرا?? جي اوڀر آذربائيجان صوبي ۾ 19 مئي تي افسوسناڪ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿي?? جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ اسلامي جمهوريه ايران پهتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ ساڻس گڏ آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسلامي جمهوريه ايرا?? جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستا?? جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت پيش ڪئي. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستا?? جي تازي دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم پاڪستان ايران ٻ??رفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم صدر رئيسي ??ي هڪ ويزنري اڳواڻ قرار ڏنو ج??هن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻه?? جي لاءِ خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظا??رو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي گهيري هيٺ آيل عوام جي لاءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. هن علائقائي امن ۽ ڳالهي?? جي فروغ ۾ مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيا?? جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم قومي سانحي جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جمهوريه ايرا?? جي عوام سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اسلامي جمهوريه ايرا?? جي حڪومت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.