اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ سان هيستائين 36 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آه??، اسرائيلي بدترين وحشياڻي ظلم جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آه??، عالمي برادري کي فلسطينين ۽ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن غزه ۽ رفح ۾ فلسطينين تي اسرائيلي ظلمن ۽ ڏاڍ جي حوالي سان خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل 8 مهينن کان اسرائيلي حڪومت غزه ۾ ڏاڍ ۽ بدترين وحشياڻو ظلم ڪري رهي آه??، ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آه??. هن چيو ته هيستائين اٽڪل 36 هزار فلسطيني مسلمان شهيد ٿي چڪا آه?? جن ۾ هزارين ٻار ۽ ٻارڙيون شامل آه??، مائرن جا لخت جگر کسجي ويا، نوجوانن ۽ والدين کي شهيد ڪيو ويو، 8 مهينن کانپوءِ به اڄ اسرائيل جي رت جي اُڃ ختم ناهي ٿي، غزه سان گڏ رفح ۾ حملا شروع ٿي چڪا آه??، ٻارن سميت بزرگن، مائرن ۽ ڀينرن کي ڏينهن رات شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ هزارين گهر مسمات ڪيا ويا آه??. هن چيو ته ستم ظريفي اها آه?? ته انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن کي پائمال ڪيو پيو وڃي، دنيا جي ڪا طاقت اسرائيل کي ان جي ظلمن کان نٿي ??وڪ?? سگهي، اتي جيڪا رت جي راند کيڏي پئي وڃي اهو سڀ ڪجهه اڄ تائين نه ڏٺو هو، اسلامي دنيا اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ تي او آءِ سي ۾ ڀرپور آواز اٿاري رهي آه??، ان حوالي سان سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ڀرپور آواز اٿاري رهيو آه??، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ ٻيا ملڪ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آه??، اسپين، ناروي، آئرلينڊ سميت يورپي ملڪن جا ٿوراتا آه??ون جن ان ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف فلسطين جي آزاد حڪومت قائم ڪرڻ جي ڀرپور تائيدڪ ئي آه?? جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آه??، مون ??اروي ۽ آئرلينڊ جي وزيراعظم کي پاڻ ٽيليفون ڪري مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي حڪومت ۽ 25 ڪروڙ پاڪستانين پاران ٿورا ادا ڪيا ڇو ته اهي فلسيني عوام جي لاءِ اٿي بيٺا آه?? ۽ فلسطين جي آزاد رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو، مون کي يقين آه?? ته ان سان ٻين ملڪن کي حوصلو ملندو ۽ اهي ان ٽن يورپي ملڪن وانگر آواز سان گڏ پنهنجو آواز ملائيندي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ آواز اٿاريندا ۽ ڪوششون ڪندا، دعا آه?? ته غزه ۾ جيڪي ظلم جا جبل ڪيرايا پيا وڃن انهن جو جلد خاتمو ٿئي ۽ فلسطيني عوام جنهن مشڪل ۾ زندگي گذاري رهي آه?? انهن جي جلد کان جلد گهرن ۾ آباد ٿيڻ جي لاءِ دعاڳو آه??ون ۽ رياست فلسطين جو جلد کان جلد وجود عمل ۾ اچي. هن چيو ته ڪشميري عوام جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريندو رهندس، عوام جي سو?? جي عڪاسي ڪندي مطالبو ڪريان ٿو ته انهن ٻنهي مظلوم قومن کي انهن جو حق ڏيارڻ جي لاءِ عالمي طاقتون ??نهنجو ڪردا ادا ڪن.