اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پرنس رحيم آغا خان کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي ا??تراف ۾ ”نشان پاڪستان“ جو ايوارڊ عطا ڪري ڇڏيو. اهو ايوارڊ پاڪستان ۽ ان جي عوام جي تر??ي ۽ ڀلائي ۾ سندس شاندار خدمتن ۽ ڪردار جي ا??تراف ۾ ڏنو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ منعقد خصوصي تقريب ۾ وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن ۽ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. معزز مهمان کي ايوارڊ ڪمرشل بئنڪنگ، مائيڪرو فنانس، انشورنس، پائيدار سياحت ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ قائداڻي ڪردار جي ا??تراف ۾ ڏنو ويو. آغا خان تر??ياتي نيٽ ورڪ پاڪستان پاڪستان ۾ اٽڪل 5 ڪروڙ ماڻهن کي مالياتي خدمتن تائين پهچ پڻ فراهم ڪئي آهي. بع?? ۾ پرنس رحيم آغا خان صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي تر??ي ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيئرمين حبيب بئنڪ لميٽيڊ سلطان علي الانه ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. صدر کي پاڪستاني عوام جي ڀلائي لاءِ مختلف شعبن ۾ آغا خان نيٽ ورڪ جي ڪردار ۽ تر??ياتي منصوبن بابت ٻڌايو ويو. صدر پاڪستان اچڻ تي پرنس رحيم آغا خان جا ٿورا مڃيا. صدر ملڪ جي تعليمي تر??ي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي تر??ي ۾ آغا خان خاندان جي ڪردار کي ساراهيو. پرنس رحيم آغا خان کيس نشان پاڪستان سان نوازڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا.