عمان – 11 – جون (اي پي پي) نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار اردن ۾ منعقد ٿيندڙ ”غزه جي لاءِ فوري انساني ردعمل“ جي موضوع تي اعليٰ سطحي ڪانفرن?? جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نا??ب وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اردن ۽ مصر سان گڏيل طور تي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي قدم کي اهڙي وقت ۾ ساراهيو جڏهن فلسطين جي عوام کي عالمي حمايت ۽ فوري انساني امداد جي سخت ضرورت آهي، هن عالمي سطح تي غزه جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي قيادت ۽ فعال ڪردار ک?? پڻ ساراهيو. نا??ب وزيراعظم فلسطينين جي خلاف اسرائيل پاران طاقت جي انڌاڌنڌ ۽ وحشياڻي استعمال جي پاڪستان جي شديد ۽ واضح مذمت جو ورجاءُ ڪندي اسرائيل پاران ڪيل جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جو احتساب ڪرڻ، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه جي گهيري ۾ ورتل ماڻهن کي بنا رڪاوٽ انساني امداد پهچائڻ ۽ بي گهر فلسطينين جي واپسي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي پڻ زور ڏنو ته هُو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄم??ن ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري.