اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ لاهور جي ??متحانن ۾ دانش اسڪول جي ??اگرد محمد آيان ڪاشف کي پهريون نمبر اچڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ چيو آهي ته دانش اسڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ ۾ تبديلي آڻينداسين. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم چيو ته دانش اسڪول ميانوالي جي محمد آيان ڪاشف بورڊ جي ??متحان ۾ 1190 نمبر کڻي پنهنجي قابليت مڃرائي آهي. محمد آيان، سندس گهرڀاتين ۽ استادن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته دانش اسڪول جون ٻارڙيون ۽ ٻار نئون مثال بڻجي ??ڀري رهيا آهن. دانش اسڪول جو دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ کي تبديلي آڻينداسين. و??ير??عظم بورڊ امتحان ۾ ٻيو نمبر ايندڙ ماز حيدر ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ ماهين سجاد، سائنس گروپ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽن شاگردياڻين عبيرا اشرف، زينب آصف ۽ سحر شڪيل کي به مبارڪباد ڏني آهي.