اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صد??رتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي د?? جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. سوشل ميڊيا ايڪس تي پ??هنجي پ??سٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي ايران جي صد??رتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي د?? جي گهرائين سان مبارڪون ڏيان ٿو، آئون پاڪستان ۽ ايران جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ چونڊيل صد?? ڊاڪٽر پزشڪيان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ويجها ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، اسان کي گڏيل فائديمند لاڳاپن ذريعي پ??هنجي ٻنهي ملڪن جي عوام جي ??وش?? مستقبل کي يقيني بڻائڻ گهرجي.