اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) پا??ستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ چيو آهي ته چين ۽ پا??ستان وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل دوستي جو رشتو مضبوط ۽ مستحڪم آهي، ٻئي م??ڪ امن ۽ ترقي جا خواهشمند آهن. اهڙو اظهار هن سي پيڪ تي ٿيل عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چيني سفير چ??و ته اسان کي امن ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، چين پا??ستان ۾ امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي. هن چ??و ته عالمي سطح تي انصاف لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين دنيا جي ڏاکڻي علائقن جو ميمبر ملڪ آهي، هاڻوڪن ڪجهه سالن ۾ دنيا جي ڏکڻ طرف جا ملڪ معاشي ترقي جي علامت بڻجي اڀ??يا آهن، چيني سفير چ??و ته دنيا جي ڏکڻ خطي ۾ واقع ملڪ عالمي معاملن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن. چين جي صدر شي جن پنگ ڏکڻ جي م??ڪن ۾ ترقي جي عمل کي هٿي ڏيڻ لاءِ فورم فراهم ڪيو آهي. هن چ??و ته چين جي صدر دنيا جي ڏاکڻي م??ڪن جي ترقي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشتن کي اڳتي وڌايو ويندو. هن چ??و ته ٻنهي م??ڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي سي پيڪ ذريعي اڳتي وڌايو پيو وڃي. گوادر بندرگاهه ۽ خصوصي اقتصادي زونز ذريعي روانگي واپار ۾ اضافي جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هن چ??و ته پا??ستان ۽ چين وچ ۾ گرين انرجي، تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ آ??ِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون وڌايو ويندو، اقتصادي راهداري ذريعي سمورا ملڪ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.