اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) پاڪ??تا?? ترڪمان??تا?? ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو، پاڪ??تا?? پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قيادت ڪئي. ترڪمان??تا?? پاران وفد جي قيادت ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ ترڪمان??تا?? جي پرڏيهي وزير راشد ميريدوف ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪ??تا?? ترڪمان??تا?? جي ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو جن ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي تعاون، رابطن ۽ عوام سان عوام جا را??طا شامل آهن. هنن لاڳاپن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي قيادت جي سطح تي اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين چيو ته ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جي طريقيڪار کي پڻ مضبوط ڪ??دا??ين. ٻنهي ڌرين سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن سميت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، رابطن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترجيحي شعبن ۾ ويجها اقتصادي را??طا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين تاپي پائيپ لائين ?? تاپ TAP بجلي جي ٽرانسميشن لائين جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪ??تا?? جي حقيقي صلاحيت موجب ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هنن ان سلسلي ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ڪاروباري ماڻهن جي سهولت لاءِ ويزا نظام کي آزاد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيان موجب ڌرين ٻطرفي پارلياماني رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ثقافتي مٽاسٽا، تعليمي وظيفن بشمول سفارتڪارن جي تربيت ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻئي ملڪ گڏيل قومن ۽ اقتصادي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي ترت??با?? ۾ ٻطرفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. افغان??تا?? ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت گڏيل ڳڻتي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.