اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ طلا?? چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪور ڪمانڊر هائوس، فوجي ٺڪاڻن، حساس عمارتن ۽ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، 9 مئي سانحي جي ڏوهه جو اعتراف ڪندڙ هاڻي ثبوت گهري رهيو آهي. پي ٽي آءِ باني جي مشروط معافي جي حوالي سان بيان تي رد عمل ۾ هن چي?? ته 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران پي ٽي آءِ چيئرمين جون ٽيئي ڀي??رو??، ڀاڻيجا ۽ پارٽي اڳواڻ موجود هئا، سي سي ٽي و?? فوٽيج ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس ٻاهران اڳواڻ ڏسي سگهجن ٿا، انهن جي پارٽي جي ماڻهن چي?? ته خان نه ته پاڪستان نه، ان جي سياست سدائين ڀڃ ڊاهه ۽ باهيون ڏيڻ ??ي ٻڌل رهي آهي. طلا?? چوڌري چي?? ته هُنن پي ٽي وي تي حملو ڪيو، پارليامينٽ جو دروازو ٽوڙيو، اهي ڪڏهن ڳلي مان جهليندا آهن ته ڪڏهن پيرين پوندا آهن، هن پي ٽي آءِ باني کي مخاطب ٿيندي چي?? ته هاڻي ڪا مشروط معافي ناهي، ڏوهارين کي سزا ملندي.