اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي ز??دا??ي ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي احمد اسحاق جهانگير جي لاءِ سول ايوارڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڊائريڪٽر جنرل احمد اسحاق جهانگير کي اڻٿڪ خدمتن تي ستاره امتياز سان نوازيو ويندو. ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل اطلاع موجب احمد اسحاق جهانگير بطور ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي انساني اسمگلنگ، دهشتگردي، مني لانڊرنگ ۽ آن لائين جنسي هراسمينٽ جهڙن سنگين ڏوهن جي روڪٿام ۾ اهم ڪ??دا?? ادا ڪيو، ٻارن جي جنسي استحصال جي روڪٿام جي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪندي سڄي ??لڪ ۾ خصوصي سيل ٺاهيا ويا ۽ هن سائبر چئلين??ز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ادارن سان مضبوط رابطو قائم ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪ??دا?? ادا ڪيو. احمد اسحاق جهانگير 1992ع ۾ پاڪستان پوليس سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي، سندس تعلق 20 هين ڪامن سان آه??، هن پاڪستان ۾ سائبر ڪرائيم جي روڪٿام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آڻڻ جي لاءِ اهم ڪ??دا?? ادا ڪيو آه??. بطور ايڊيشنل ڊي جي سائبر ڪرائيم ونگ احمد اسحاق جهانگير جي قيادت ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي خلاف موثر حڪمت عملي تيار ڪئي ۽ وقت سر قدم کنيا، توهان جي ڪوششن سان سائبر ڪرائيم ۾ ملوث عنصرن جي خلاف نمايان ڪاميابيون حاصل ٿيون ۽ ڪيتريون ئي گرفتاريون عمل ۾ آيون، توهان جي قيادت ۾ ايف آءِ اي انساني اسمگلنگ ۽ سوشل ميڊيا تي جعلي، اعتراض جوڳي، نفرت آميز مواد جي خلاف سخت قدم کنيا. احمد اسحاق جهانگير عالمي سطح تي ايجنسي جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪيو ۽ عالمي ادارن سان تعاون کي فروغ ڏنو. ان کانسواءِ توهان جي خدمتن ۾ پوليس جي روايتي طريقن کي جديد طريقيڪار ۾ بدلائڻ به شامل آه??، توهان پوليس رولز 2017 – 2018ع جو مسودو تيار ڪيو، جنهن سان پوليس جي ڪم ڪرڻ جي طريقن ۾ بهتري آئي. احمد اسحاق جهانگير کي شاندار ڪارڪردگي جي ڪري 1995ع ۾ صدر جي پوليس ميڊل سان پڻ نوازيو ويو. ڊي جي ايف آءِ اي احمد اسحاق جهانگير کي سول ايوارڊ 23 مارچ 2025ع جي تقريب ۾ ڏنو ويندو.