اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال تي بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس کي خط ۾ پاڪستان پاران مدد جي آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته بنگلاديش ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ واري صورتحال تي دلي ڏک آهي، هِن ڏُک واري گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون ??مدرديون بنگلاديشي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. هن چي?? ته مشڪل وقت ۾ بنگلاديش ۽ بنگلاديشي شهرين جن جا پيارا ٻوڏ ۾ وڇڙي ويا، گهر ۽ روزگار تباهه ٿيا، سان گڏ بيٺل آهيون، بنگلاديشي عوام مشڪلا??ن ۾ پنهنجي حوصلي ۽ همت جي لاءِ سڃاڻي وڃي ٿي. وزيراعظم چي?? ته پراميد آهيان ته بنگلاديش توهان جي قيادت ۾ هن مشڪل مان جلد نڪري ايندو، پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ ه?? طرح سان بنگلاديش جي مدد جي لاءِ تيار آهي.