منسڪ-21 آگسٽ (اي پي ??ي) پاڪستان ۽ بيلاروس ٻطرفي لاڳاپن کي ??ستحڪم بڻائڻ ۽ پارلياماني رابطن کي ??ٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي ????يڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي هم من??ب ايگور سر گينڪو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اسپيڪرن گڏيل طور تي پارليامينٽ ۾ رابطن کي ??ٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. سردار اياز صادق ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي ????يڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي ??ڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن. هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن ۾ و??يڪ لاڳاپن کي ??ستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسپيڪر پاڪستان جي پارلياماني وفد جي والهاڻي استقبال ۽ مهمانوازي تي بيلاروس جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو. بيلاروس جي اسپيڪر، سردار اياز صادق ۽ ساڻس گڏ آيل پارلياماني وفد جو بيلاروس جو دورو ڪرڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي پارلياماني وفد جو تازو دورو ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي ????يڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته بيلاروس پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي ??در جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان موقعي تي ٻنهي اسپيڪرن ويجهي تعاون ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي ??ٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. بيلاروس جي اسپيڪر عالمي فورمن تي پاڪستان طرفان بيلاروس جي حمايت تي شڪريو به ادا ڪيو.