اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري و??اق?? وزير عطاءُ الله تارڙ موسيٰ خيل ڪوئيٽا ويجهو دهشتگردن جي ظلم جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ 23 ماڻهن جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ?? اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردن معصوم مسافرن کي نشانو بڻائي ظلم جو مظاهرو ڪيو. ان واقعي ۾ ملوث دهشتگرد ۽ سهولتڪار عبرتناڪ انجام کان بچي نه س??هندا. هن چيو ته حڪومت مارجي ويلن جي پونئيرن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪري ٿي ۽ سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.