اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اهم قدر طور جمهو??يت جي مضبوطي ۽ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ??ري??ن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب جمهو??يت جي عالمي ڏينهن تي جاري پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ جمهو??يت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اهم قدر طور جمهو??يت جي مضبوطي ۽ هٿي وٺرائڻ جو عزم ورجايون ٿا. هن چيو ته اسان جي حڪومت جو آئيني قدرن جي پاسداري، جم??ور??ت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جو عزم پختو آهي، ان جم??ور?? قدرن تي ع??لدرآمد اسان جي قومي طرز عمل جي عڪاسي ڪري ٿو. اچو اڄوڪي ڏينهن اسان اهڙي عالمي معاشري جي قيام جي ڪوشش جاري رکڻ جو عزم ??ري??ن جيڪو منصفاڻو، برابر ۽ جامع هجي، گڏيل تعاون سان ئي اسان جمهو??يت جي بنيادن کي مضبوط ڪري اهو يقيني بڻائي سگهون ٿا ته هي اميد جي ڏيئي سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي ترقي جو پيش خيمه ثابت ٿئي.