اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ??اڪ??تان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا کي وڌائڻ سميت توانائي، واپار ۽ علائقائي رابطن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن روسي وفد جي آجيان ڪئي ۽ ٻطرفي واپار ۾ گذريل سال جي بلند ترين سطح کي نوٽ ڪيو. هن پاڪ روس بين الحڪومتي ڪميشن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت مستقبل جي اجلاسن ۾ لاجسٽڪ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو وچن ڪيو جيڪو افغانستان، توانائي جي سلامتي ۽ خوراڪ جي سلامتي تي تعاون وڌائڻ جي لاءِ اهم آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته روسي نائب وزيراعظم ۽ سندس وفد جو دورو اقتصادي تعاو?? جي وڌندڙ گهرائي ۽ سگهه جي عڪاسي ۽ پاڪ روس لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي واضح گڏيل خواهش کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته روسي فيڊريشن سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ??اڪ??تا?? جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيح آهي. محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪ روس لاڳاپن ۾ نمايان ترقي ٿي آهي، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپور خواهش آهي، اعتماد ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل هڪ قدم به قدم موقف لاڳاپن کي مثبت رفتار تي رکيو آهي. هن چيو ته ٻنهي وفدن گهرائي سان ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي ڌيان ڏنو ۽ اقتصادي توسيع جي امڪاني شعب?? جي نشاندهي ڪئي جڏهن ته گڏيل دلچسپي جي مخصوص شعبن جو خاڪو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ واپار، اقتصادي تعاون، ثقافتي لاڳاپا ۽ عوام سان عوام جا رابطا شامل آهن. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ روس زرعي شعبي ۾ تعاون جا ذڪر جوڳا امڪان ڏسن ٿا، ٻنهي ملڪن جو مقصد ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ بئنڪنگ پابندين کي نيويگيٽ ڪرڻ آهي، ??اڪ??تان برڪس ۾ شموليت جو خواهشمند ۽ ان تنظيم ۾ شموليت سان گڏوگڏ ان جهڙين ٻين تنظيمن ۾ شرڪت جي لاءِ روس جي مثبت ڪردار جو منتظر آهي. هن چيو ته ايس سي او هڪ اهم فورم فراهم ڪري ٿو جنهن جو مقصد خطي ۾ امن، ترقي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته ??اڪ??تان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل ۾ روس سان گڏجي فلسطي?? جي صورتحال سميت ڪيترن ئي عالمي ۽ علائقائي مسئلن کي حل ڪندو. هن چيو ته پاڪ روس ٻطرفو واپار گذريل سال رڪارڊ هڪ ارب آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو، لاجسٽڪ مسئلن کي حل ڪندي واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ٻنهي ڌري?? جي ترجيح آهي. هن توانائي جي تعاو?? جي امڪانن تي زور ڏنو جنهن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۾ وڌيڪ غور ڪيو ويندو، ٻئي ملڪ پنهنجي سرحدن کان ٻاهر تائين ڦهليل ريلوي ۽ رستن سميت ڪنيڪٽيويٽي جا منصوبا تيار ڪرڻ جا خواهشمند آهن. محمد اسحاق ڊار ??اڪ??تان ۽ روس جي يونيورسٽي?? جي وچ ۾ وڌندڙ ثقافتي ۽ تعليمي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، هن جولاءِ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر پيوٽ?? جي وچ ۾ نتيجاخيز ملاقات تي روشني وڌي جنهن ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ هڪ مثبت رخ جو تعين ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ مهيني شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل جي اجلاس جي لاءِ روسي وزيراعظم ميخائل ميشوسٽن ??اڪ??تان جو دورو ڪندو. محمد اسحاق ڊار اعلان ڪيو ته روس جو وفد آڪٽوبر ۾ ??اڪ??تان جو دورو ڪندو. پاڪ روس جي واپار، معيشت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت بابت بين الحڪومتي ڪميشن منعقد ڪرڻ جي لاءِ تياريون جاري آهن، جيڪو هن سال جي آخر تائين روس ۾ ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته ??اڪ??تا روس کي اولهه، ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ هڪ اهم ملڪ جي طور تي ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ افغانستا?? جي حوالي سان مضبوط پارٽنرشپ رکن ٿا ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکڻ چاهين ٿا، ??اڪ??تان مسلمان دنيا سان روس جي تاريخي لاڳاپن، او آءِ سي سان وڌندڙ تعاون ۽ فلسطين تڪرار تي ا?? جي موقف کي تسليم ڪري ٿو. هن سمورن مذهب?? جي احترام بابت روسي حڪومت جي موقف تي ??اڪ??تا?? جي گهري تعريف ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اظهار جي آزادي ۾ اخلاق هجي، قابل احترام شخصيت?? جي توهين نه ٿيڻ گهرجي ۽ مسلمان امت جي جذبن کي ٺيس نه پهچڻ گهرجي. هن روس جا ٿورا مڃيا ۽ روسي فيڊريشن سان تعاون کي گهرو ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ??اڪ??تا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ ??اڪ??تان سان اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو ذڪر ڪندي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڌندڙ دلچسپي کي نوٽ ڪيو جنهن جون پاڙون 75 سال?? جي سفارتي لاڳاپن ۾ آهن. هن چيو ته روس اڄ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سان وسيع ڳالهه ٻولهه ۾ معيشت جي سمورن شعبن جو احاطو ڪيو ويو، انهن شعب?? جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهن ٿا، ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي، واپار، رابطي، تعليم ۽ ڪاروبار سان ڪاروبار ۽ ماڻهن سان ماڻه?? جي رابطن سميت وسيع موضوع شامل هئا. روسي نائب وزيراعظم چيو ته رابط?? جي علائقائي رخن کي سگهه ڏيڻ ۾ دلچسپي آهي، هن شنگهائي تعاون تنظيم سميت عالمي تنظيمن سان تعاون تي ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس هڪ مهيني جي اندر ??اڪ??تان ۾ ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته خميس ڏينهن روسي نمائندا ۽ لاڳاپيل (??اڪ??تاني) عملدار وسيع تر مسئلن ۽ منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چيو ته هلندڙ سال روس برڪس سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو، اسان کي خوشي آهي ته ??اڪ??تان ميمبرشپ جي لاءِ درخواست ڏني آهي. روسي نائب وزيراعظم چيو ته برڪس ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ٻئي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ اسان ??اڪ??تا?? جي ميمبرشپ جي درخواست جي حمايت ڪريون ٿا.