اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان روسي فيڊريشن جي صنعت ۽ واپار واري نائب وزير اليڪسي گرزديو ملاقات ڪئي جنهن ۾ روسي سهڪار سان ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل جي قيام سميت صنعتي ۽ زرعي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جا معاملا بحث هيٺ آيا. صنعت ۽ پيدوار واري وزارت مان جاري پڌرائي ۾ چيو وي?? آهي ته ملاقات ۾ روسي فيڊريشن جي نائب واپاري نمائندي ڊينس نيوزوروف جڏهن ته صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي سيڪريٽري سيف انجم، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ جي سيڪريٽري عل?? طاهر، ايڊشنل سيڪريٽري، امير محي الدين، ڊپٽي چيف صنعت ۽ پيداوار واري وزارت عبدالصمد، ايگزيڪٽو انجنيئر پاڪستان اسٽيل ملز محمد شعيب شريڪ ه??ا. ??لاقات ۾ روس جي سهڪار سان ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل جي قيام جي تجويز تي غور ڪيو وي??، ٻنهي ملڪن ڳالهين لاءِ ورڪنگ گروپس جي جوڙجڪ تي به اتفاق ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز جي 700 ايڪڙ ايراضي نئين اسٽيل مل جي قيام لاءِ مختص ڪئي وئي آهي، ڄاڻايل ايراضي ڪراچي ۾ واقع آهي جيڪو پاڪستان جي معيشت جو سڀ کان وڏو شهر ۽ محرڪ آهي. اها زمين پورٽ قاسم جي ويجهو واقع آهي. راڻا تنوير حسين چيو ته زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ جديد زرعي مشينري جي ضرورت آهي، روس جي سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سهولتون فراهم ڪيون وي??ديون. روسي فيڊريشن جي نائب وزير اليڪسي گرزديو چيو ته روس پاڪستان کي جديد زرعي مشينري فراهم ڪندو.