اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب هن اهڙن خيالن جو اظهار چيويافو جي چيئرمين جي قيادت ۾ روئي گروپ جي 9 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان ??غاري ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روئي گروپ جي وچ ۾ معاملا اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان اسلام آباد ۽ بيجنگ ۾ ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. وزي??اع??م جي تازي چين جي دوري کانپوءِ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ چين جو روئي گروپ پاڪستان ۾ عالمي معيار جا ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو. وزي??اع??م ان ??وقعي تي چيو ته چين پاڪستان جو اهڙو دوست ملڪ آهي جيڪو هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزي??اع??م وفد جي آجيان ڪندي چيو ته روئي گروپ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جو پهريون سيڙپڪار هو. وزي??اع??م روئي گروپ جي پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهري دلچسپي کي ساراهيو. روئي گروپ جي چيئرمين چيويافو چيو ته اسان سيڙپڪار جي حيثيت سان ??ه پر پاڪستان جي دوست جي حيثيت سان ??اڪستان آيا آهيون. روئي گروپ جي چيئرمين وزي??اع??م کي بطور پنجاب جي وڏي وزير جي دور ۾ تيز رفتار ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ??نجاب ۽ شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هن ڀيري به ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ اها ئي رفتار ڏسڻ لاءِ ملندي. ان ??وقعي تي هن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته روئي گروپ سنڌ صوبي ۽ پنجاب صوبي ۾ عالمي معيار جا ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو جنهن ۾ چين جي 100 جي لڳ ڀڳ وڏين صنعتن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ويندي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس جو محور پاڪستان جو ٽيڪسٽائيل روانگي واپار وڌائڻ ۽ پاڪستان کي دنيا جو ٽيڪسٽئايل ۽ گارمينٽس حب بڻائڻ آهي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس ۾ شمسي توانائي جو استعمال ٿيندو ۽ اهي زيرو ڪاربن ۽ خودڪار جديد ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪندا. انهن پارڪس سان ??ه??ين مرحلي ۾ 2 ارب آمريڪي ڊالر جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 5 ارب آمريڪي ڊالر جي برآمدات متوقع آهي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس سان 3 لک کان 5 لک مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقع?? فراهم ٿيندا. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس جو سنگ بنياد هن سال جي آخر ۾ رکيو ويندو ۽ اهي ٽن سال جي مدي ۾ مڪمل ٿيندا. روئي گروپ ڪراچي ۽ لاهور ۾ هڪ هڪ هول سيل ڪموڊٽي مرڪز پڻ قائم ڪندو. ان ??وقعي تي وزي??اع??م نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي ۾ واپار وارو وفاقي وزير، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو نمائندو ۽ ظفرالدين محمود شامل هوندا. وزي??اع??م سان ??فد جي ملاقات کانپوءِ سيڙپڪاري بورڊ ۽ روئي شيڊونگ گروپ جي وچ ۾ پاڪستان ۾ جديد ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪرڻ جي حوالي سان ??فاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب ٿي جنهن ۾ وزي??اع??م پڻ شرڪت ڪئي.