ڪوئٽا -29 آڪٽوبر (اي پي پي) پنجگور ??ي سرحدي علائقي پروم ۾ ڊيم تي ڪم ڪندڙ مزدُورن مٿان هٿياربندن جي حملي ۾ 5 پورهيت قتل ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جي بيان مطابق پنجگور ۾ ڊيم جي سار سنڀال تي مقرر مقامي ماڻهن تي ف??ئرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا قتل ۽ 2 زخمي ٿي پيا. اطلاع ملندي ئي لاشن کي مقامي اسپتال منت??ل ڪيو ويو، 2 زخمين جي ح??لت خطري کان ٻاهر آهي، ضلعي انتظاميه جا آفيسر ??اقعي واري هنڌ پهتا جڏهن ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.