اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪا??ين?? مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سفارش تي ??ج پاليسي 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪا??ين?? جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي ڪا??ين?? کي آگاهه ڪيو ويو ته سال 2025ع ۾ پاڪستان جي حج ڪوٽا 179210 هوندي جنهن کي پاڪستان حڪومت ۽ نجي شعبي ۾ 50: 50 جي تناسب سان ورهايو ويندو. حج پاليسي تحت 12 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي هن سال حج جي حوالي سان سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. حڪومتي ڪوٽا جي حوالي سان ڪمپيوٽرائزڊ بيلٽنگ ڪئي ويندي. 1000 سيٽون هارڊشپ ڪيسز جي لاءِ مختص هونديون. 300 سيٽون مزدورن يا گهٽ آمدني وارن ملازمن، جيڪي ورڪرز ويلفيئر فنڊ يا اولڊ ايج بينيفٽ انسٽيٽيوٽ سان رجسٽرڊ هوندا، جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. روڊ ٽو مڪه جي سهولت اسلام آباد ۽ ڪراچي جي عالمي هوائي اڏن تي ??ستياب هوندي. حج گروپ آرگنائيزر مذهبي معاملن واري وزارت سان سروس پرووائيڊر معاهدي تي ??حيحون ڪندا ۽ خدمتن جي فراهمي جي حوالي سان انهن آرگنائيزرز جي سخت نگراني ڪئي ويندي. ڪا??ين?? کي آگاهه ڪيو ويو ته حاجين کي بهتر سهولتن جي فراهمي جي نگراني جي حوالي سان هن ڀيري ناظم جو نئون عهدو قائم ڪيو ويو آهي. هر 100 حاجين جي لاءِ هڪ ناظم مقرر هوندو. انهن ناظمن جي چونڊ ويلفيئر اسٽاف مان ئي ڪئي ويندي. ڪا??ين?? کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حج دوران لاڏاڻو ۽ زخمي ٿيندڙن جي لاءِ معاوضو وڌايو ويو آهي. لاڏاڻو ڪري ويل حاجين جي پونئيرن کي 10 لک رپين کان 20 لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو جڏهن ته زخمي ٿيندڙن کي 10 لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو. ڪا??ين?? کي ٻڌايو ويو ته حاجين جي سهولت لاءِ هڪ خصوصي حج مئنيجمينٽ ايپلي ڪيشن ٺاهي وئي آهي ۽ حاجين جي تربيت جي حوالي سان پڻ خصوصي انتظام ڪيا ويا آهن. وفاقي ڪا??ين?? حج بيلٽنگ ۾ اهڙن ماڻهن کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي جيڪي پهريون ڀيرو حج جي ادائيگي ڪندا. وفاقي ڪا??ين?? وڌيڪ هدايت ڪئي ته حاجين کي بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وفاقي ڪا??ين?? منصوبابندي واري وزارت جي سفارش تي ??عيد اقبال، معظم احمد، مديحه خالد، عثمان حيدر ۽ محمد سجاد فاروقي جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي بورڊ ۾ پرائيويٽ ميمبر طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪا??ين?? ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وزارت جي سفارش تي فارن ڪمرشل فنانسنگ فيسليٽي جي لنڊن انٽر بئنڪ آفر ڊريٽ (LIBOR) سان سيڪيورٽي اوور نائٽ فنانسنگ ريٽ (SOFR) تي منتقلي جي معاهدي جي بعد ازوقوع/ صحيحون توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪا??ين?? ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي سفارش تي مالي سال 25 – 2024ع بابت ????ون ۽ ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪا??ين?? سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارس تي ??امونڊي جهازن جي درجابندي جي سرٽيفڪيشن جي حوالي سان ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف پورٽس اينڊ شپنگز، ڪراچي ۽ بحريه ڪلاسيفيڪيشن سوسائٽي جي وچ ۾ معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي.