اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوري??ن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ??ي اضافي چارج ڏئي ڇڏي. ڪابينا سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان حڪومت سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع جي شق 10 تحت اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوري??ن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي ??ي اضافي چارج ٽن مهينن جي مدي يا ريگيولر مقرري تائين ڏني وئي آهي. عنبرين جان هن وقت اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي سيڪريٽري جي حيثيت س??ن فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. چارج سنڀالڻ کانپوءِ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ايم ڊي پي ٽي وي عنبرين جان پي ٽي وي ۾ ضابطن جي خلاف ڀرتين جي جاچ شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. 12 رٽائرڊ ملازمن جي ٻيهر ملازمت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻين ملازمن جي ڊگرين جي تصديق جو عمل پڻ شروع ڪرڻ جي هدا??ت ڪري ڇڏي آهي.