اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا جي خلاف ون ڊي مئچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مب??رڪباد ڏيندي چيو ته هڪ ٻي غيرمعمولي مئچ ۾ فتح تي مب??رڪ هجي. اسان کي خبر هئي ته توهان اهو ڪري س??هو ٿا. وزيراعظم سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته آسٽريليا جي خلاف متاثر ڪندڙ فتح تي اسان کي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم تي فخر آهي. ه?? چيو ته ڪاميابي جي پٺيان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ پوري ٽيم جون تمام وڏيون ڪوششون آهن. وزيراعظم ڪپتان محمد رضوان کي ٽيم جي قيادت سان گڏوگڏ مئچ دوران 6 ڪئچ ڪرڻ، صائم ايوب کي 82 رنسون ٺاهڻ ۽ حارث رئوف کي 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي مب??رڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان جي ٽيم جا حو??لا بلند آهن، پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪندا رهو.