اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ خوارج جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو ا??هار ڪندي چيو آهي ته شهيد اهلڪارن بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ شهادت ماڻ??. و??تي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سيڪيورٽي اهلڪارن کي ڪارروائي دوران 5 دهشتگرد مارڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وقتي صدر جو چوڻ هو ته ملڪ جي دفاع لاءِ فتنه الخوارج جي خلاف وڙهندي جانين جو نذرانو پيش ڪر?? تي سيڪيورٽي اهلڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا، دهشتگرد عنصرن جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري ر??ند??سين، ملڪ جي دفاع جي لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ جوانن کي پوري قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿ??. و??تي صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.