اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انتشار پنهنجي انتشار جي سفر کي جاري رکيو آهي، ??نهن جو مقصد ??ڳو اين آر او حاصل ڪرڻ آهي، ??يبرپختونخواهه ۾ عوام کي ڪوبه پُڇڻ وارو نه آهي، پرائمري اسڪولن جا استاد احتجاج ڪري رهيا آهن، جڏهن ته صوبي جي قيادت ??ڳو احتجاجي سياست ۾ مصروف آهي، معيشت کي مسدتحڪم ڪرڻ کانپوءِ هاڻي اسان ترقي طرف گامزن آهيون، وز??راعظم 10 نومبر تي عرب اسلامڪ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي عرب روانو ٿيندو، وز??راعظم ڪوپ 29 اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا جي خلاف ٻي ون ڊي مئچ ۾ شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪيو، قومي ٽيم جي ون ڊي مئچ ۾ ڪاميابي حوصلي جوڳي آهي، ڪپتان محمد رضوان وڪيٽ جي پٺيان وڌيڪ ڪئچ ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو، پاڪستان ڪرڪيٽ بهتري طرف وڃي رهي آهي، ??نگلينڊ جي خلاف تيسٽ سيريز ۾ فتح کانپوءِ هاڻي آسٽريليا جي سرزمين تي آسٽريليا جي خلاف مئچ کٽڻ مثبت ۽ حوصلي جوڳو آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندي، پوري قوم ۽ ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. وفاقي وز??ر چيو ته وز??راعظم محمد شهباز شريف 10 نومبر تي سعودي عرب روانو ٿيندو ۽ غزه ۾ ڪيل ظلمن جي خلاف ٿيندڙ رياض سمٽ ۾ شرڪت ڪندو، رياض سمٽ ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي تفصيلي ??الهه ٻولهه ٿيندي، ??رب ملڪن ۽ مسلمان ملڪن جا سربراهه رياض ۾ گڏ ٿي رهيا آهن ته جيئن هڪ زبان ٿي غزه ۽ فلسطين جي معاملي تي حڪمت عملي ٺاهي وڃي ۽ اتحاد ۽ اتفاق جو مظاهرو ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان ڪو حل ڪڍڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي. وفاقي وز??ر چيو ته وز??راعظم هر فورم تي فلسطين جي معاملي تي آواز اٿاريو، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ وز??راعظم جي تقرير کي سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويو، وز??راعظم ڪوپ 29 جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ه?? چيو ته فلسطين جا ميڊيڪل شاگرد پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، 200 کان وڌيڪ ميڊيڪل جا شاگرد پاڪستان اچي چڪا آهن، وز??راعظم انهن سان ملاقات پڻ ڪئي آهي. وز??راعظم جي هدايت تي امدادي سامان غزه موڪليو ويو، عالمي دنيا ۾ غزه ۽ فلسطين جو معاملو جنهن موثر طريقي سان اٿاريو ويو آهي اهو اسان جو فرض آهي. وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو ته آذربائيجان پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي، ??ذربائيجان اهڙو ملڪ آهي جتي پاڪستاني جهنڊا لڳل نظر ايندا آهن، اتان جي عوام پاڪستان بابت تمام سٺا تاثر رکي ٿي، ??ذربائيجان دوست ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته تحريڪ انتشار پنهنجي روش تي قائم آهي، ??حريڪ انتشار ??ڳو اين آر او جي لاءِ ملڪ ۾ انتشار ڦهلائي رهي آهي، ڪوئيٽا ۾ انهن کان ماڻهو گڏ نه ٿيا ته بهانو ٺاهيو پيو وڃي ته انتظاميا پاران اجازت نه ملي. ه?? چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وز??ر قومي ايشوز ۽ امن امان جي صورتحال تي غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، ??وبي ۾ نوجوانن جي معاملن تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، تعليمي نظام تباهه حال آهي، ??نهن جو سڄو فوڪس ڇڪتاڻ، جلسن جلوسن ۽ ڌرڻن تي ۽ پنهنجي ليڊر کي جيل مان آزاد ڪرڻ جي لاءِ آهي. انهن جي ليڊر تي ڪرپشن جا ڪيسز آهن، ان جو انهن کي هر سطح تي جواب ڏيڻو پوندو. ه?? چيو ته خيبرپختونخواهه جي احتجاج ڪندڙ استادن جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي، ??نهن جا مطالبا منظور ڪرڻ گهرجن، جڏهن استاد جلوس ڪڍندا آهن ۽ پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪندا آهن ته نه ??ڳو انهن کي روڪيو وڃي ٿو پر انهن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته احتجاج ڪرڻ انهن جو حق نه آهي، ??ستاد قوم جا معمار آهن، انهن جي مسئلن جي حل لاءِ معاملي ??ي بهتر نموني سان حل ڪريو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام کان ترقي طرف وڃي رهي آهي، ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، پاڪستان جي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون، يو اي اي جو وفد سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، يو اي اي جي وفد جي وز??راعظم سان اڄ ملاقات ٿيندي، وز??راعظم جو سيڙپڪاري تي ڀرپور ڌيان آهي، ٻنهي طرفن کان ايم او يو تي صحيحون ٿينديون، اسان جو مٽاسٽا جو ناڻو آڪٽوبر جي مهيني ۾ 3 ارب ڊالر رهيو جيڪو تمام گهڻو حوصلي جوڳو آهي، ??سان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 11 ارب ڊالر جي حد عبور ڪري ويا آهن، پاڪستان جي ڪرنسي ۽ معيشت ڏينهون ڏينهن بهتري طرف وڃي رهي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وز??راعظم ونٽر پئڪيج جي حوالي سان تمام وڏو اعلان ڪرڻ وڃي رهيو آهي، مجموعي طور تي ملڪ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي، فارن ايڪسچينج ريزرو بهتر ٿيا ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، ??ن جا ثمر عوام تائين پهچي رهيا آهن. وز??راعظم جي معيشت جي حوالي سان پاليسي هئي ته ٽيڪس ڪوليڪشن کي بهتر ڪيو وڃي، ٽيڪس نيٽ کي بهتر ڪيو وڃي، ڊيجيٽائيز ڪيو وڃي. ه?? چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام جهڙي طرح طئي ٿيو آهي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان ترقي طرف وڌي رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته عوامي جاين تي بدتميزي، گارگند تحريڪ انتشار جي حامين جو شيوو بڻجي ويو آهي، ??دتميزي ڪرڻ کانپوءِ شرپسند عنصر سوشل ميڊيا تي معافيون وٺي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته تحريڪ انتشار صوابي ۾ جلسو ڪري رهي آهي، ??ها پنهنجي صوبي ۾ پنهنجو پاڻ کان ڪهڙو مطالبو ڪري رهي آهي. ه?? چيو ته سپريم ڪورٽ بار جي اليڪشن جو نتيجو 26هين آئيني ترميم تي مُهر آهي. وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، ??حريڪ انصاف چاهيندي هئي ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري پر الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان ڊيفالٽ جي خطري کان ٻاهر نڪتو. وفاقي وز??ر چيو ته تحريڪ انصاف مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. انهن جو ڪوئيٽا، لاهور، اسلام آباد سنگجاڻي جو جلسو ناڪام ٿيو، هاڻي پنهنجي ئي تڪ جي ماڻهن کي گڏ ڪري ڪهڙو مطالبو ڪرڻ چاهين ٿا؟ ه?? چيو ته رياست جا معاملا فارن پاليسي جو حصو هوندا آهن، اڳ ۾ بيانيو ٺاهيو ويو غلامي نامنظور هاڻي جهمريُون پاتيُون پيُون وڃن. اسان جا سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن، ڪنهن هڪ ملڪ سان اسان جو تعلق ڪنهن ٻئي ملڪ جي قيمت سان نه آهي، پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. وز??راعظم جي قيادت ۾ معيشت ترقي ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وز??ر چيو ته سعدوي عرب سان معاهدن تي اڳڀرائي جاري آهي، ڪجهه ڪمپنيون پاڪستان اچي چڪيون آهن، معاملا سٺي طريقي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. ه?? چيو ته چين پاڪستان دوستي لازوال آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، وز??راعظم چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو، چيني سفارتڪار سان ملاقات ڪئي ۽ ٻ?? چيني شهرين جيڪي زخمي ٿيا هئا ان تي تعزيت ڪئي ۽ جوابدارن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي وئي. ه?? چيو ته پاڪ چين دوستي مثالي آهي ۽ مضبوط حصيداري اهڙي طرح اڳتي وڌي رهي آهي جهڙي طرح ان کي اڳتي وڌڻ گهرجي، ??ي پيڪ پاڪستان جي لائيف لائين آهي، ??ي پيڪ فيز ٽو تيزي سان جاري آهي، ??مورن شعبن ۾ اسان جو تعاون وڌيڪ اڳتي وڌندو. ه?? چيو ته تحريڪ انصاف جا اڳواڻ 26هين آئيني ترميم جو مسودو کڻي جيل ويا ته انهن کي چيو ويو ته هي ڇا کڻي آيا آهيو، مون کي ٻاهر ڪڍو، انهن جو جيل ۾ پڇاڻو ٿيو. پي ٽي آءِ وارا پارٽي جي اندر ريفرنڊم ڪرائي وٺن ته اهي غلام آهن يا نه، ايبسليوٽلي ناٽ هڪ ڪوڙو بيانيو آهي. انهن پنهنجي اقتدار جي دور ۾ پاڪستان جي معيشت کي ڪهڙو فائدو ڏنو؟ پاڪستان ۾ ڪهڙا سُڌارا کڻي آيا؟ انهن ??ڳو سوسائٽي کي ورڇ ڪيو، نفرتون ۽ ورڇ پيدا ڪئي ان کانسواءِ انهن جي ڪا خدمت نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، پيٽرول، اٽو، بجلي ??ذريل سال جي ڀيٽ ۾ سستا آهن.