اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سينيٽ ??ي وقتي چيئرمين سيدال خان سان اسلامڪ رليف جي وفد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ ??يڪريٽريٽ ??رفان جاري بيان موجب وفد جي قيادت برطانيه جي ڪونسلر شاهين اشرف ڪئي. وقتي چيئرمين اسلامڪ رليف جي وفد کي چيمبر ۾ ڀليڪار ڪيو. وقتي چيئرمين چيو ته اسلامڪ رليف قدرتي آفتن دوران انساني?? جي خدمت ڪئي، جنهن سندن شڪرگذار آهيون. پاڪستان ۾ زلزلن، ٻوڏن ۽ سوڪهڙي سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ اسلامڪ رليف جا رضاڪار سڀ کان اڳيان رهيا. سيدال خان ملاقات دوران چيو ته بلوچستان صوبي ۾ اسلامڪ رليف ڏورانهن علائقن ۾ وڃي رليف جو ڪم ڪيو. اڄ به اسلامڪ رليف جي مختلف منصوبن ??ي ڪم ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مختلف علائقن ۾ رليف سينٽر جو قيام تعريف جوڳو آهي، مشڪلن گهڙين ۾ رليف فراهم ڪرڻ انساني?? جي تمام ??ڏي خدمت آهي. وفد وقتي چيئرمين جو ٿورو مڃيو ۽ بلوچستان سميت ٻين پٺتي پيل علائقن ۾ نَون منصوبن ??ي شروعات لاءِ عزم جو اظهار ڪيو.