اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ هن ملائيشيا ۾ بدترين ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن تي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، مان سندس اهڙي جذبي جو ٿورائتو آهيان ۽ کيس ملائيشيا جي دوري جي دعوت پڻ ڏني آهي. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي ??وس?? ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم چيو ته وزيراعظم شهباز شريف فون ڪال دوران متاثر ٿيل اٽڪل هڪ لک 40 هزار کا?? وڌيڪ ملائيشيا جي شهرين جي بهتري لاءِ دعا ڪئي ۽ ٻنهي قومن جي دوستي ?? تعاون جي جذبي تحت امداد جي فراهمي جو ارادو ظاهر ڪيو. هن چيو ته مان سندس اهڙي فراخدلي تي سندس ٿورا مڃيندي کيس ايندڙ سال جي شروع ۾ ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني آهي.