اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي ته خص??صي ماڻھن جو عالمي ڏھاڙو ياد ڏياري ٿو ته معذور ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق انھن خيالن جو اظھار ھن خص??صي ماڻھن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اھو ڏينھن ياد ڏياري ٿو ته خص??صي ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي، ملڪ ۾ خص??صي ماڻھن جي ڀلائي لاءِ جامع پاليسيون بڻايون ويون آھن ۽ ان تي عمل به ڪيو پيو وڃي ته جيئن اھي ماڻھو به ھڪ باعزت ?? خودمختيار زندگي گذاري سگھن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته خص??صي ماڻھن کي ھمٿائڻ، انھن جي قابليت کي قبول ڪرڻ ۽ انھن لاءِ وسيلا ۽ موقعا فراھم ڪرڻ ھڪ مضبوط ۽ ترقي يافته قوم جي نشاني آھي. ھن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي ان ذميواري کي بھتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.