اسلام آباد -03 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزارت چيو آهي، ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ??ان پروگرام تي عملدرآمد جاري آهي، آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد مستحڪم، پائيدار ۽ عالمي معاشي ترقي جو بنياد آهي. ناڻي وزارت پاران گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته حڪومت آءِ ايم ايف ??ان طئي ڪيل هدفن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي، آءِ ايم ايف ??ان ويجهي رابطي ۽ مشاورت ??ان 37 مهينن تي ٻڌل پروگرام کي ڪاميابي ??ان مڪمل ڪيو ويندو. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ناڻي ??ار?? وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي تازي اجلاس کي بريفنگ دوران معيشت جي استحڪام جي سلسلي ۾ سڌارن تي سختي سا?? ڪاربند رهڻ جي تسلسل جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي ??ار?? وزير ملڪ جي ديرپا ۽ مستقبل جي معاشي استحڪام لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي اهم اهميت جو به ورجاءُ ڪيو. ناڻي وزارت طرفان پاڪستان جي معاشي مستقبل لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي اهميت ۽ ان تي عملدرآمد جي ورجاءُ جي قومي پريس ۾ به ڀرپور عڪاسي ٿي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد ۾ هٿ ٺوڪين ڏکيائين جي حوالي ??ان قياس آرائيون انفرادي جدت جي عڪاسي ۽ معتبر ثبوت کان انڪاري آهن، حڪومت معاشي استحڪام برقرار رکڻ ۽ شفافيت ??ان آءِ ايم ايف ??ان طئي ٿيل هدفن تي پورو ڌيان ڏئي رهي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته آءِ ايم ايف پروگرام تي عمل درآمد هڪ مستحڪم، پائيدار ۽ عالمي معاشي ترقي جو بنياد آهي.