اسلام ??باد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن اسلام ??باد ۾ ايف ايٽ انڊر پاس جو افتتاح ڪيو جيڪو رڪارڊ 42 ڏينهن ۾ مُڪمل ٿيو ??هي جنهن سان ٻن مکيه رستن جناح ايونيو ۽ نائنٿ ايونيو تي ٽريفڪ جي روانگي ۾ آساني ٿيندي. وفاقي وزيرن سينيٽر محسن رضا نقوي، عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي چيئرمين سان گڏ ايف 8 انڊر پاس جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هي هڪ شاندار موقعو ??هي جو هي انڊر پاس پيڙهه جو پٿر رکڻ جي 42 ڏينهن ۾ ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف نئون رڪارڊ قائم ڪرڻ تي گهرو وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هي اهو فيشن ??هي جنهن ۾ قومون ڏينهن رات جدوجهد ڪندي ترقي ڪنديون آهن. جڏهن ته وزيراعظم غير معمولي سنگ ميل حاصل ڪرڻ تي سي ڊي اي جي چيئرمين مح??د علي رنڌاوا، سندس ٽيم ۽ ٺيڪيدار کي به مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئون تعمير ٿيل انڊر پاس شهر جي ٽريفڪ کي آسان بڻائيندو ۽ اهڙي طرح سرينا چوڪ انڊر پاس کي پُڻ ساڳي ريت مڪمل ڪيو ويندو. هن اسلام ??با?? ٽريفڪ پوليس جي پروجيڪٽ سائيٽ تي ٽريفڪ جي روانگي کي يقيني بڻائڻ کي پڻ ساراهيو. ان کان اڳ گهرو وزير محسن رضا نقوي سي ڊي اي جي سڄي ٽيم کي ساراهيو ۽ ايف 8 انڊر پاس 42 ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ تي چيئرمين سي ڊي اي کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي سي ڊي اي ايندڙ سال مارچ تائين هڪ نرسري قائم ڪندي ته جيئن وفاقي گادي وراري شهر جي رهواسين کي سستا ۽ معياري ٻوٽا فراهم ڪري سگهجن. هن اسلام ??با?? ٽريفڪ پوليس جي منصوبي جي سائيٽ تي گاڏين جي ٽرئفڪ کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو