اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته 2024ع پاڪستان جي سفارتڪاري جي لاءِ هڪ فعال ??ال ??هيو، ا??ان جون سفارتي ڪوششون پاڪستان جي عالمي پروفائيل کي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن ??ان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي لڳل رهيون. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته سال ??وران آذربائيجان، بيلاروس، بيلجيئم، چين، مصر، گيمبيا، ايران، اردن، قازقستان، ملائيشيا، قطر، روس، ساموا، سعودي عرب، تاجڪستان، ترڪمانستان، ترڪيه، گڏيل عرب امارات، ازبڪستان ۽ برطانيا ??ان اعليٰ سطح جي دورن جي مٽاسٽا ٿي جنهن ??ان انهن ملڪن ??ان اهم مفاهمت پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي. ترجمان چيو ته صدر آصف علي زرداري 10 ۽ 11 آڪٽوبر تي اشڪ آباد ۾ منعقد ”وقت ۽ تهذيبن جو گڏيل تعلق – امن ۽ ترقي جو بنياد“ جي عالمي فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جو دورو ڪيو. هن چيو ته وز??راعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان، چين، مصر، قازقستان، قطر، سعودي عرب، ايران، تاجڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا دورا ڪيا. ترجمان چيو ته نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان، بيلجيئم، مصر، گيمبيا، ايران، اردن، سعودي عرب، ترڪيه ۽ برطانيا جا اهم دورا پڻ ڪيا. ترجمان چيو ته انهن دورن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ، اهم سياسي افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو اهڪ اهم موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڪيترين ئي اعليٰ سطحي شخصيتن جي ميزباني پڻ ڪئي. آذربائيجان، بيلاروس، چين، ايران، قازقستان، ملائيشيا، منگوليا، قطر، روس، سعودي عرب، تاجڪستان، ازبڪستان مان قيادت جي سطح جا دورا ٿيا جڏهن ته چين، سعودي عرب، ايران، ڀارت، جرمني، قطر، روس ۽ برطانيا جي ڪابينا جي سينيئر وز??رن پاڪستان جو دورو ڪيو. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر، سيڪريٽري جنرل سي آءِ سي اي ۽ سارڪ، آءِ ايم ايف ۽ ڪامن ويلٿ جي سيڪريٽريز جنرل پڻ هلندڙ سال ??وران پاڪستان جا دورا ڪيا.