ڪراچي-06 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چي?? آهي ته وفاقي حڪومت سمورن شعبن ۾ پائيدار ترقي ۽ خوش??ال?? کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن صوبائي حڪومتن سان تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن وفاقي حڪومت جي ان عزم کي ورجايو ته وزيراعظم جي هدايتن تي سنڌ ۾ ترقي ۽ خوش??ال?? جو نئون دور شروع ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن سنڌ جي دوري دوران سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن لاءِ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت جاري منصوبن بابت ٿيل اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ جاري پي ايس ڊي پي جا سمورا منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، جن ۾ تعليم، پاڻي، هائوسنگ ۽ انفراسٽرڪچر جا شعبا شامل آهن. هن ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ب??ال?? ۽ هائوسنگ منصوبن جي گرين چي??ل جي منظوري تي روشني وڌي، جنهن تحت هن وقت تائين 8 لک کان وڌيڪ گهر ٺاهيا ويا آهن جن مان 3.5 لک گهر مڪمل ??ي چڪا آهن. هن چي?? ته انهن گهرن جي مالڪي عورتن کي ڏني وئي آهي جيڪا حڪومت جي صنفي برابري جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. هن وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ اتحادي حڪومت جي جرئتمنداڻن فيصلن کي ساراهيو، جن جي ٿورن سان پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن ٿيو. وفاقي وزي?? وفاقي حڪومت جي پراجيڪٽ ”اُڏام پاڪستان“ کي اجاگر ڪيو، جيڪو پاڪستان جي مستقبل جي ترقي لاءِ 5Es فريم ورڪ تي ٻَڌل آهي. فريم ورڪ روانگي واپار، اِي پاڪستان، ماحول، توانائي ۽ اخلاقيات، برابري ۽ بااختياريءُ تي ٻڌل آهي. هن صوبائي ايڪسپورٽ بورڊز، ڊجيٽل ڊولپمينٽ، ماحولياتي لچڪ، صاف توانائي جي منتقلي ۽ انساني وسيلن جي ترقي کي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي تبديليءَ لاءِ اهم شين جي پڻ نشاندهي ڪئي. هن اعلان ڪيو ته وفاقي حڪومت 3 سالن اندر هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ مهم شروع ڪري رهي آهي. ان کان علاوه هن ٻين شعبن جهڙوڪ صحت، تعليم ۽ آبادي جي ڪنٽرول تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آخر ۾ واري وفاقي وزير فورس ۾ عورتن جي شموليت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چي?? ته پاڪستان جي ترقي لاءِ عورتن جي شموليت جي شرح کي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي سنڌ جي منصوبابندي واري وزير ناصر شاهه چي?? ته پروفيسر احسن اقبال جا ٿورائتا آهيون جنهن جي لازوال سهڪار جي نتيجي ۾ گذريل ڏهاڪي ۾ سنڌ لاءِ 81 ارب رپين جي رڪارڊ فنڊنگ ڪئي وئي. ان کان اڳ منصوبابندي واري صوبائي وزير ناصر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سنڌ نجم شاهه ۽ ٻين معززن سندس سنڌ اچڻ تي ڀرپور آجيان ڪئي.