اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي فيٽف جون شرطون پوريون ٿيڻ ۽ وائيٽ لسٽ ?? پاڪستان جي واپسي جي راهه هموار ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ”ٽيم پاڪستان“ کي مبارڪباد هجي جنهن پاڪستان جي لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي، گر?? لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي قومي ڪوشش ڪندڙ سموري سول ۽ ملٽري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي به مبارڪباد ڏيان ٿو، سندس قيادت ۾ ٽ??م کي اها اهم ڪاميابي ملي، عسڪري قيادت کي فيٽف جي گر?? لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي عمل تي مبارڪ، پاڪستان کي ملندڙ ان وڏي ڪاميابي تي توهان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جي قائم ??يل ”ڪور سيل“ پاڪستان جي ان اهم ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دوري کانپوءِ پاڪستان جو نالو گر?? لسٽ مان نڪري ويندو، گر?? لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي، ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون. هن چيو ته جنهن ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان گر?? لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي ڪوشش ٿي، اها ئي قومي ڪوشش معيشت جي بحالي لاءِ به ڪري رهيا آهيون، قوم کي مايوسي، نااميدي ۽ معاشي ابتڙي مان ڪڍي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي طرف واپس آڻينداسين.