اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ عورتن جي 50 سيڪڙو آبادي کي ڪاروبار، واپار ۽ خدمتن جي شعبي ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ انهن کي معياري تعليم، هنر، صحت، خوراڪ، مالي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ، وراثتي ملڪيت جي حقن جي تحفظ ۽ ڪم ڪرڻ جي جڳهه تي هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪري راغب ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ايوان صدر ۾ گڏيل قومن جي عورتن جي تعاون س??ن حراست جي خاتمي بابت وفاقي ??حتسب سيڪريٽريٽ جي سا??ياني رپورٽ جاري ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. صدر سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرين س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ افسوس ۽ دعا ڪئي. تقريب جي شرڪت ڪندڙن ٻوڏ متاثرين س??ن يڪجهتي جي اظهار ??اءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي. تقريب ۾ هراسمينٽ جي خاتمي واري وفاقي ??حتسب ڪشمالا خان، پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي عورتن بابت ڪنٽري ريپريزنٽيٽو شرميلا رسول، ڪنٽري ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف پيس آمريڪا عدنان رفيق پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ سفارتي برادري، صحافين ۽ زندگي جي مختلف شعبن س??ن تعلق رکندڙ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي ??حتسب ڪشمالا خان ۽ ٻين س??ن گڏ سا??ياني رپورٽ جاري ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جا سماجي ۽ ثقافتي رويا، عورتن جي حقن بابت تعصب، انهن جي معاشي ۽ مالي خودمختياري، نفعو ڏيندڙ ملازمت، اسان جي اخلاقي ??ذهبي قدرن ۽ اسلامي تعليم موجب صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي جن ۾ ٻنهي مرد عورتن جي لاءِ برابر تعليمي موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي ۽ انهن کي نفعو ڏيندڙ ملازمت حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، حضرت خديجه رضه ان جي لاءِ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿي جيڪا ڪامياب واپاري عورت هئي. هن چيو ته عورتن کي فعال بڻائي ڪاروبار، واپار ۽ خدمتن جي شعبي ۾ برابر موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي ڀرپور صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ انهن کي ڪم ڪرڻ واري جڳهه تي محفوظ ۽ سازگار ??احول فراهم ڪرڻ ۽ ضروري مثبت قدمن ذريعي ملڪي معيشت ۾ انهن جي شموليت ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جون رڳو 24 سيڪڙو عورتون ملڪي معيشت جي روايتي ۽ غيرروايتي شعبن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، اها مردن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ شرح آهي جن جو حصو معيشت ۾ 90 سيڪڙو آهي. هن چيو ته ڪو به ملڪ عورتن جي مڪمل شموليت کانسواءِ سماجي ۽ معاشي ترقي ??ه ٿو ڪري سگهي، عورتن س??ن پاڪستان جي آئين ۽ اسلام موجب برابر شهري جو سلوڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته وراثتي ملڪيت ۾ عورتن کي حقن کان محروم رکڻ کان روڪڻ جي لاءِ عورتن جي پنهنجي وراثتي زمين پنهنجي خاندان جي ڪنهن به شخص کي رضاڪاراڻي طور تي حوالي ڪرڻ جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پروفيشنل ڪاليجز ۾ 80 سيڪڙو عورتون داخلا وٺن ٿيون جڏهن ته سماجي ۽ گهريلو پابندين جي ڪري انهن جي ملازمت حاصل ڪرڻ جي شرح تمام گهٽ آهي، حڪومت گهرڀاتين ۽ پاڻ عورتن جي گڏيل ڪوششن س??ن ان رجحان کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ هن صنعتي ۽ خدمتن جي شعبي تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ادارن ۾ حراسگي کان پاڪ ماحول فراهم ڪن ته جيئن انهن جي گهر جون عورتون ۽ ٻيون ملازم عورتون انهن جي ڪمپني ۽ ملڪ جي لاءِ منافعو حاصل ڪري سگهن. صدر عورتن کي انهن جي درن تي انصاف فراهم ڪرڻ جي لاءِ پشاور، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آفيسون قائم ڪرڻ تي وفاقي ??حتسب کي ساراهيو. هن س??ت محنت، عزم ۽ اپيلن جي اندراج، بيانن ۽ ثبوت رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ تي پڻ وفاقي ??حتسب کي ساراهيو. ان قدم جي ڪري ڪيسن جو ا??گ 2018ع کان 2022ع دوران 5 هزار تائين پهچي ويو آهي جيڪو 2010ع کان 2018ع دوران 500 هو. صدر چيو ته وفاقي ??حتسب معاشري ۾ عورتن جي تعليم جي اهميت، انهن جي ڪردار ۽ انهن جي وراثتي حقن ۽ ڪم ڪرڻ واري جڳهه تي حراسگي بابت مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکي.