نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي چوٿين ڏينهن اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن ج?? هيڊڪوارٽرز ??هچندو ۽ يو اين جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم پنهنجي هالينڊ جي هم منصب مارڪ رٽي سان م??اق??ت ۾ ٻطرفن معاملن تي ڳالهيُون ڪندو. منجهند جو وزيراعظم سان ملالا فنڊ جي شريڪ باني ملالا يوسفزئي م??اق??ت ڪئي. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر شيلا جيڪسن لي سان زوم م??اق??ت ۾ به شريڪ ٿيندو. شام جو وزيراعظم آمريڪا ۾ پنهنجي پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوء?? لنڊن روانو ٿي ويندو.