نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب نيويارڪ جي جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي. هو ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن شرڪت کانپوءِ برطانيا کان نيويارڪ پهتو. نيويارڪ مان اي پي پي جي نمائندي موجب وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. هو فرانس ۽ اسپين جي صدرن ۽ آسٽريليا جي چانسلرن سان م??اق??تون ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان م??اق??ت ۽ عالمي فضائي تحفظ جي حوالي سان سينيگال جي صدر ۽ آفريقي يونين جي ميزباني ۾ ٿي??دڙ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت به ايجنڊا ۾ شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپاس سان م??اق??ت ڪندو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان پڻ م??اق??ت ڪندو. هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سابا ڪوروسي سان به م??اق??ت ڪندو ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر رسائو لي ني نيستو سان م??اق??ت ڪندو ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهرواريءَ جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس، گڏيل قومن جي سربراهه، چين جي صدر ۽ جاپان جي وزيراعظم سان م??اق??تون به وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ شامل آهن. وزيراعظم شهباز شريف لڪسمبرگ جي وزيراعظم زاويئر بيٽل ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان به م??اق??ت ڪندو. وزيراعظم عالمي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.