اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ڊاڪٽر اسد مجيد خان کي نئون پرڏ??هي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏ??هي آفيس موجب ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي نئين پرڏ??هي سيڪريٽري طور مقرري ڪئي وئي آهي. هو پاڪستان فارن سروس جو سينيئر آف??سر آهي ۽ کيس پاڪستان جي 31 هين پرڏ??هي سيڪريٽري طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان نئين عهدي تي مقرري کان اڳ بيلجيئم، لڪسمبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي سفير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان 34 سالن تي ٻڌل پنهنجي سفارتي ڪيريئر دوران ڪيتريون ئي اهم سفارتي ذميواريون ادا ڪيون آهن. هن آمريڪا ۾ ۽ جاپان ۾ پاڪستان جي سفير طور تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو پرڏ??هي ايڊيشنل سيڪريٽري (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (اولهه ايشيا)، آمريڪا ۾ پاڪستان جي عبوري ناظم الامور، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي ڊپٽي چيف آف مشن، صدارتي سيڪريٽريٽ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (پرڏ??هي معاملا)، ڊائريڪٽر جنرل (گڏيل قومون) ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ منسٽر – قونصلر جي عهدن تي به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان ڪيوشو يونيورسٽي جاپان مان انٽرنيشنل اڪنامڪ اينڊ بزنس لاء (ايل ايل ڊي) ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ هو ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ ريسورس پرسن پڻ رهي چڪو آهي.