اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي زال مشعال حسين ملڪ چيو آهي ته جمهوريت جو ڪوڙو لباس پائي ڀارت نام نهاد ري پبلڪ ڊي ملهائي رهيو آهي، ڀارت دنيا کي دوکو ڏيڻ لاءِ اهو ڏينهن ملهائيندو آهي، ڀارتي ??وج گذريل 75 سالن کان سموري ڪشميري قوم جو رت وهائي رهي آهي. ڀارت جي نام نهاد يوم جمهوريا تي ??نهنجي بيان ۾ مشعال ملڪ چيو ته جمهوريت جو ڪوڙو لباس پائي ڀارت ڪشميرين جي مسل ڪشي ۾ مصروف آهي. ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لکن جي تعداد ۾ مق??ر ڀارتي ??وج ڪشميرين کي گولين جو شڪار ڪري رهيا آهن. ڀارتي ??وج هٿان ڪشميري عورتن جي عزت پڻ محفوظ ناهي، ڀارتي ??وج ڪشميرين جي گهرن کي ساڙي رهي آهي. مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي ??وج کان ننڍا معصوم ڪشميري پڻ محفوظ ناهن، ڀارتي حڪومت سياسي جدوجهد تي ڪشميري اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا آهن. ڏهه لک فوج سان گڏ ڀارتي حڪومت پنجاهه ل?? هندوستانين کي پڻ ڪشميري سڃاڻپ ڏئي ڇڏي. مشعال ملڪ چيو ته ڪشميرين تي ??نجاهه ل?? هندن کي پڻ مسلط ڪيو ويو، والاريل ڪشمير ڀارتي ??وج جي ڪالوني بڻجي چڪو آهي. دنيا ڀارت جي نام نهاد جمهوريت جي پٽي اکين تان هٽائي ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ زيادتي کي ڏسي.