اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان والاريل فل??طين جي اولهندي ڪناري جي علائقي ۾ بستين کي قا??وني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان چيو ته پاڪستان اولهندي ڪناري جي والاريل فل??طيني علائقي ۾ 9 بستين کي قا??وني حيثيت ڏيڻ جي اسرائيل جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪري ٿو. اها عالمي قا??ون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي. اهو قدم فل??طيني عوام جي حقن کي وڌيڪ پائمال ڪري ٿو. ترجمان چيو ته غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻو اسرائيلي قدم ڇڪتاڻ صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو. عالمي برادري کي اسرائيل کي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻيون پونديون جيڪي ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون بڻيون. هن چيو ته پاڪستان فل??طيني عوام ۽ فل??طيني ڪاز جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجائي ٿو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ آزاد فل??طيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو جنهن جو گادي وارو شهر اوڀر بيت ??لمقدس هجي.