اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چ??و آهي ته پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال درپيش آهي، معاشي بحران م??ن نڪرڻ جي لاءِ اسان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندڙ معيشت بڻجي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي غيرملڪي چينل کي ڏنل تازي انٽ??وي?? ۾ هن چيو ??ه يوڪرائن جنگ ۽ ٻوڏ ملڪي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچا??و آهي پر پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندڙ معيشت بڻجي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان اهڙي دور مان گذري ره??و آهي جتي هاڻي غيرآئيني قدم نه ٿيندا. هن پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي، ملڪي معيشت ۽ افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي بيان جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دفاع وارو وفاقي وزير سياسي تناظر ۾ ڳالهه ڪري ره??و آهي، هو فني نه پر مشڪل معاشي دور جو ذڪر ڪري رهيو هو. هن چيو ته اسان کي بدترين م??اشي بحران درپيش آهي، پاڪستان جو هڪ وڏو حصو تازي ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ٻوڏ جي تباهي موسمياتي تبديلين جي ڪري آهي، ٻوڏ پاڪستان جي معيشت جو رخ بدلائي ڇڏ??و آهي ۽ پاڪستان اڃا تائين م??ڪلاتن م??ن ٻاهر ناهي نڪري سگهيو ۽ انهي معاشي بحران م??ن نڪرڻ جي لاءِ اسان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي بي اعتمادي رٿ جي ذريعي عهدي تان هٽائڻ جي قدم کي هڪ جمهوري ۽ اداراجاتي سنگ ميل قرار ڏنو ۽ چيو ته شايد عمران خان جي حامين کي بي اعتمادي جا نتيجا پسند نه هجن پر اها ملڪي تاريخ ۾ هڪ بنيادي ڪاميابي آهي جنهن ۾ جمهوري عمل جي پاسداري ڪئي وئي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان جمهوري انداز اختيار ڪري واپس اچي سگهي ٿو پر هو جمهوري انداز اختيار نه ڪري ره??و آه?? جيڪو ان جي لاءِ ڪارائتو نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جمهوري رست?? جي چونڊ نه ٿو ڪري ته پوءِ ان جو ڪو سياسي مستقبل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته جمهوريت جي حوصلا افزائي ڪندڙن جي حمايت ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پنهنجي ملڪي تاريخ جو اڌ کان وڌيڪ وقت سڌوسنئون آمريت ۽ ان جي وچ ۾ مختلف تبديلين تحت گذار??و آهي. هن چيو ته اها ڳالهه ياد رکڻ جي ضرورت آهي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ غيرجمهوري قوتن جو پنهنجو وقت ره??و آهي پر اهو ڪڏهن ڊگهو ناهي رهيو. پرڏيهي وزير پشاور ۽ ڪراچي ۾ تازي دهشتگرد?? جي حملن جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان تازن ڏينهن ۾ دهشتگردي کان به متاثر ٿ??و آهي ۽ افغانستان م??ن آمريڪي انخلا کانپوءِ دهشتگرد?? جي لهر ۾ اضافو ٿ??و آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين جڏهن ته ان م??ئل?? جي مستقل حل جي لاءِ افغانستان م??ن خطرن کي روڪڻ ضروري آهي.