اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف ??رقيواراڻي تشدد ۽ نفرت ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي گه??ي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مسلمانن کي انهن جي عقيدي جي ڪري هڪ منظم طريقي سان نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو اقليتن جي ح??اظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي ۽ انهن کي امن سان پنهنجي عقيدي تي هلڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏي. ترجمان ان ڏس ۾ ڀارت جي ڏکڻ رياست ڪرناٽڪ ۾ بي جي پي ليڊر ۽ نائب وڏي وزير ڪي ايس ايشورپا جي تازي ريمارڪس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن چيو ته اهي ريمارڪس ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جو هڪ ٻيو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ نسل پرستي، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا سان تشدد ۾ اضافي تي گه??ي ڳڻتي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مسلمانن جي منفي پروفائلنگ ۽ بدنامي، اسلامي علامتن ۽ مقدس جاين جي ٽوڙ ڦوڙ، امتيازي قانونن ۽ پاليسين، حجاب تي پابندي ۽ مسجدن تي ح??لا ٿي رهيا آهن. ترجمان چيو ته اسان کي يورپ ۾ قرآن پاڪ ساڙڻ سميت مسلمانن جي خلاف ??ڌندڙ نفرت انگيز ڏوهن تي پڻ ڳڻتي آهي. ترجمان امن ۽ رواداري جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ ۽ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بيداري پيدا ڪرڻ جي لاءِ عالمي مڪالمي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت ??ي زور ڏنو. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ح??ن جون خلاف ??رزيون جاري آهن. ڀارتي فورسز گذريل هفتي والاريل ڪشمير جي ضلعي بارهموله ۾ نام نهاد گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ٻن ڪشميري نوجوانن خورشيد احمد خان ۽ رياض احمد خان کي گرفتار ڪيو. هن چيو ته ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ محمد اقبال مير، مذهبي اڳواڻ قاضي ياسر ۽ جيل ۾ نظربند ڄمون ۽ ڪشمير سالويشن موومينٽ جي چيئرمين ظفر اڪبر بٽ جي گه??ن تي پڻ ڇاپا هنيا ويا. ترجمان چيو ته ڪشميرين ۽ انهن جي قيادت کي ڊيڄارڻ ۽ خوفزده ڪرڻ جو اهو سلسلو ختم ٿيڻ گه??جي. هن چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي سنگين خلاف ??رزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي ح??ايت جاري رکنداسين.