اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسان?? سرمائي ۾ ناڪافي سيڙپڪاري هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي ادارجاتي سطح تي ۽ سياسي قيادت پاران ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ا??ارن ۽ سياسي قيادت تي قومي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي سجيدگي جو مظاهرو ڪن، متحد ٿين ۽ ڊيليور ڪن. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته حقيقت ۾ اهي ملڪ جا ا??ل مسئلا آهن پر درپيش حالتن ۾ اهي مسئلا پس منظر ۾ هليا ويا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عالمي بئنڪ ۽ پاڪستان هيومن ڪيپيٽل ريويو جي ڊيٽا تي ٻڌل هڪ قومي روزنامي ۾ شايع ٿيندڙ مضمون پڻ شيئر ڪيو. عالمي بئنڪ جي هڪ نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گهٽ انسان?? سرمائي جي سيڙپڪاري پاڪستان جي 2047ع تائين هڪ اعليٰ وچولي آمدني وارو ملڪ بڻجڻ جي ڪوششن کي محدود ڪندو. پاڪستان هيومن ڪيپيٽل ريويو موجب جيڪڏهن پاڪستان انسان?? سرمائي جي ترقي ۾ پنهنجي موجوده رستي تي گامزن رهي ٿو ته 2047ع تائين ان جي في ڪس جي ڊي پي مجموعي طور تي رڳو 18 سيڪڙو تائين وڌندي.