اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ عدالتي بائيڪاٽ نه پر ڪارروائي تي بي اعتمادي جي اظهار جو في??لو ٿيو هو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قانون وارو وزير جنهن ميٽنگ جو حوالو ڏئي رهيو آهي اها سموري اتحادي پارٽين جي ق??ئدين، اڳواڻن ۽ قانوني ماهرن جي ميٽنگ هئي، پي ايم ا??ل ??ي صدر جي حيثيت سان ان اجلاس جي صدارت مون ڪئي هئي. وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ في??لو ٿيو هو ته موجوده بئنچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويندو، بائيڪاٽ جو لفظ ڪٿي استعمال نه ٿيو.