اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽي وي ڏسان ٿو ته مون کي دوستن جي سخت ڳالهه ٻولهه ٻڌي مايوسي ٿئي ٿي جيڪي هڪ ٻئي جي اندر رڳو عيب ۽ گندگي ڳولين ٿا، جهڙوڪ ٻ??ن تي گند اڇلڻ ئي ڇوٽڪاري جو مختصر ترين رستو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته ان صورتحال ۾ مون کي شمس تبريز جي ياد اچي ٿي جنهن چيو: ”اصل گندگي اندر جي گندگي آهي. سطحي آلودگي آساني سان ??وپجي وڃي ٿي. پر جنهن کي شفاف پاڻي سان به صاف نه ٿو ڪري سگهجي اهي آهن نفرت ۽ تعصب جيڪي روح کي گهٽيا بڻائين ٿا. اسان پنهنجي جسم کي پرهيزگاري ۽ روزي سا?? پاڪ ته ڪري سگهون ٿا، پر رڳو محبت ۽ درگذر ئي اسان جي دلين کي پاڪ ڪري سگهن ٿا.“ صدر عارف علوي چيو ته الله کان دعا آهي ته هو اسان جي ان ??م ۾ مدد ڪري.